اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪ??ھ جي صدر رجب طيب ا??دو??ن ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر ا??دو??ن جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرا??ظم ترڪ??ھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ?? پاڪستان جي عوام ترڪ??ھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر ا??دو??ن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيرا??ظم صدر ا??دو??ن کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر ا??دو??ن لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيرا??ظم جي ڳالهه تي صدر ا??دو??ن ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم ا??دو??ن به وزيرا??ظم جو ٿورو مڃيو. صدر ا??دو??ن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيرا??ظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.