اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني و??د جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پولش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي اندر سيڪريٽري و??بچ گيرويل ڪئي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي ا??فا?? ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چرپر، اعليٰ تعليم ۽ ويزا نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون جي حوصلا افزائي تي پڻ ا??فا?? ڪيو ويو. بيان موجب ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئ?? ۽ ??ڏيل ??ومن ??مي?? عالمي فورمز تي تعاون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگ?? ۽ ??هڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ تي ا??فا?? ڪيو. مشاورت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿيندو.