اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف پاڪستان?? فزيشنز آف نارٿ آمريڪا کي 46 هين سالياني ڪنوينشن تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??زيراعظم اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون ڊاڪٽرن جي تنظيم جي لا??ِ پاڪستان جي لا??ِ خدمتن ۽ پاڪ آ??ريڪا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم ۽ ثابت قدمي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ ڪوويڊ – 19 جي وبا کانپوءِ مثبت ردعمل جي اظهار ۽ وقت سر مدد تي تنظيم جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته توهان جي پيشيواراڻي ۽ انساني ڪاميابين تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف پاڪستان?? فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ۽ سندس ٻين ساٿي پاڪستاني آمريڪي ڊاڪٽرن کي مبارڪباد ڏني.