اسلام آب??د ?? 06 –جولاءِ (اي پي پي) سوئس ڪنفيڊريشن جو پرڏيهي وزير فيڊرل ڪائونسلر اگنازيو ڪيسس 7 کان 9 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ سوئس پارليام??نٽ جا ٽي ميمبر ?? سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته و??يراعظم شهباز شريف اگنازيو ڪيسس کي هن سال 9 جنوري تي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. اسلام آباد ۾ قيام دوران هو وزيراعظم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجم??نٽ اٿارٽي جو دورو ڪندو جتي ڌريون ڊيزاسٽر مئنيجم??نٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.