اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ مح??د بن زايد آل نهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد آل نهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات، شاهي خاندان ۽ يو اي اي جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.