اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، پي ايف يو جي، پي پي اي، ايمنڊ، سي پي اين اي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مون کي خوشي آهي، ته قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اهو بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظو??ي ڏني، هن چيو ته پيمرا بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي تياري ?? جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي، جيئن دنيا ج?? جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.