اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ ??زارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان ج??ري بيان موجب دولت م??ترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ ??زارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت م??ترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت م??ترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات م??وقع آهي. پاڪستان دولت م??ترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ ??روگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪست??ن نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت م??ترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طور تي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ ??روگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.