اسلام ??باد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام ??ان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سا?? مسيحي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جڙانوالا سا??حي تي وقت سر قدم کڻڻ ۽ جڙانوالا جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراع??م چيو ته سموري رياستي مشينري ??قل??تن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سا?? انهن سا?? گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۾ ??قل??تن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندوت ه جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، ??قل??تي برادري پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون حڪومت تائين پهچائي ته جيئن انهن مسئلن جو ممڪن حل ڪري سگهجي اسان جو آئين ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏي ٿو. نگران وزيراع??م چيو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام ??ان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ??قل??تي برادري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام ??ان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفد ??قل??تي برادري سا?? تعلق رکندڙ ??ال?? جارج جي بطور انساني حقن واري نگران وفاقي وزير طور مقرري کي خوش آئنده قرار ڏنو. وفد ۾ پنجاب جو انساني حقن وارو اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز آگسٽن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه انصر، بشپ اندرياس، بشپ سيموئيل ازرايا، بشپ جوزيف ارشاد، بشپ همفري پيٽرز، پاسٽر هنوڪ حشمت، پاسٽر اوليور ضياءَ شامل هئا. ملاقات ۾ انساني حقن واري نگران وفاقي وزير ??ال?? جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.