نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج ک?? منهن ڏ??ڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پ??ڏي??ي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان 18 سيپٽمبر کان هن دوري تي آهيون، ان دوران نگران وزيراعظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، اهڙي طرح مون نگران پ??ڏي??ي وزير جي حيثيت س??ن پنهنجي پ??ڏي??ي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن کانسواءِ علائقائي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي بابت قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن علائقائي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي ک?? منهن ڏ??ڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان پڻ دنيا کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪمزور ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن ک?? منهن ڏ??ڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ مالي نقصانن بابت پڻ آگاهه ڪيو. نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان او آءِ سي جي ڪشمير ۽ فلسطين بابت گروپس جي اجلاسن کانسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ڀارت س??ن امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ اهڙي طرح جي ڪاررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪئناڊا ۾ اهڙي طرح جي ڪارروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پ??ڏي??ي وزير چيو ته افغانستان مان ٻ??ن ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿ??ڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.