اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قا??د ملت لياقت علي خان شهيد کي قوم جي لاءِ سندس بي پ??اهه خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ??ي ڏينهن اسان کي پاڪستان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قا??د ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏياري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قا??د ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ صدر چيو ته ??ياقت علي خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪستان قا??داعظم محمد علي جناح سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته ??ياقت علي خان پاڪستان جي پ??رين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قا??د ملت ملڪ جي خودمختياري جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته ??ياقت علي خان شهيد پاڪستان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ??ائداعظم جي ويزن موجب هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قا??د ملت نئين قا??م ٿيندڙ رياست جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته ??ائد ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ ل??ءِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??وم سان لياقت علي خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لازوال نشان ڇڏيو آهي، هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جو قا??د ملت جو ويزن اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته اچو نه رڳو لياقت علي خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته اچو قا??د ملت لياقت علي خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ بهتر ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قا??د ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.