اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت نگران وفاقي وزير مدد علي ??نڌي اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز شاهه الهڏته جو دورو ڪي??. ا?? موقعي تي تعليم کاتي جا سينئر آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت طرفان جاري پريس رليز مطابق وفاقي وزير مدد علي ??نڌي جو ته ان جو ويزن آهي ته اسلام آباد کي ملڪ جي ٻين حصن لاءِ هڪ ماڊل بڻايو وڃي. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي ڪوششن کي گڏ ڪندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسلام آباد ۾ جلد کان جلد OOSC هجي. هن چيو ته اسلام آباد کي باقي ملڪ لاءِ مثال بڻايو ويندو. وفاقي وزير مدد علي ??نڌي اسڪول جي دوري ۾ واش روم ۽ پاڻي جي سهولتن جو معائنو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بنيادي سهولتن کان ??وا??ِ تعليم جو مقصد پورو نه ٿو ٿي سگهي. هن حڪم ڏنو پي ايس ڊي پي جي ترقياتي پروجيڪٽس کي فوري مڪمل ڪيو وڃي. وڌيڪ شاگردياڻين جي تعداد کي مئنيج ڪرڻ لاءِ نوان ڪلاس روم ٺاهيا وڃن. وفاقي وزير پاڪستان جي مطالعي جي اسٽوڊنٽس کان سوال ڪيا. اسٽوڊنٽس جي حاضر جوابي تي وفاقي وزير ٽيچرز ۽ اسٽوڊنٽس جي همت افزائي ڪندي چيو ته هي تمام سٺي ڳالهه آهي ته اسٽوڊنٽس کي مطالعي پاڪستان ??ي عبور حاصل آهي.