اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته گذريل 20 سالن کان انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آه?? ۽ اسان پنهنجي سمورين م??ڪل??تن جي باوجود افغان پناهگيرن جي ميزباني جاري رکي، الله تعاليٰ قرآن پاڪ جي ذريعي اسان کي انسانيت تي رحم ۽ ڪرم جو درس ڏنو آه??، اسلام صرف مسلمانن جي حقن جو احترام ئي نٿو سيکاري پر انسانيت جي تعظيم جو به درس ڏي ٿو، اولهه دنيا ۾ اسلامڪ فوبيا مسلمان پناهگيرن جي مسئلن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو، مودي حڪومت نازي فلسفي کي هٿي وٺرائي رهي آه??، موجوده ڀارت گانڌي ۽ نهرو جي ڀارت ناهي رهي، گڏيل قومن ڀارت جي حالتن جو نوٽيس نه ورتو ته عالمي امن کي شديد خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي قيام جي 40 سالن جي ??وض??ع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو.