اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت گذريل 20 مهينن دوران 60649 مان اٽڪل 99 سيڪڙو ڪيس اڪلايا آهن. عوامي مف??د ۾ قانون سازي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزارت گذريل ڏينهن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري هنگامي بنيادن تي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف آرڊيننس ??ڻايا ته جيئن ڪورونا سان پ??دا ٿيندڙ صورتحال ۾ عاوم لاءِ آسانيون پ??دا ڪري سگهجن. ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف آرڊيننس ??ي عمل درآمد شروع ٿي چڪو آهي. انسداد اسمگلنگ آرڊيننس ??ڱاري تائين جاري ڪيو ويندو. صنعتن ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت قانون سازي تي مشاورت جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون ۽انص??ف بابت پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر مليڪه بخاري ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري مشيع الرحمان سان گڏ پريس ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي ڪيو.