اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مخالف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ??لڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳ??يو ويو، ڇا مخالف ڌر ان??ي جي ڪري احتجاج ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آهي، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي اها ??رگ?? ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ذميواري آهي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??ري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. ان??ن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.