اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسپ??س ٽيڪنالاجي جو دائري ڪار بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي انسٽيٽيوٽ آف اسپ??س ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي، صدر عارف علوي کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپ??س ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ميجر جنرل ريحان عبدالباقي، سپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل ع??مر نديم، ايس پي ڊي جي ڊائريڪٽر برگيڊيئر عبدالرحمان عارف شرڪت ڪئي.