اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ س??ن سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائين??ي ڪو??يڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رجب طيب ا??دوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر طيب ا??دوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ترڪيءَ س??ن سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪو??يڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.