اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪارمون ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن مسلمان ??مت کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، اخوت ۽ ثقافت جي مضبوط بني??دن ت?? هموار آهن، پاڪستان مراڪش سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي فروغ ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائي سگهجي ٿو.