اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي ??روگرام (يو اين اي پي) پاران ماحولياتي ??ظام جي بحالي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو اين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو ??وا??و ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي ??خر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ??سان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي ويب سائيٽ تي شايع ڪندڙ هڪ مضمون به شيئر ڪيو جنهن ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ پاڪستان جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو اين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ته قدرتي ??احول جي وڏي پئم??ني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي ??ظام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان لاءِ يو اين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انس??ني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پنهنجي نوعيت جي پهرئين جائزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت جا قدرتي ??احول جي بحالي جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي ??ظام جي بحالي جي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ کي اڳتي ??ڌائي اهو ڏيکاري رهيو آهي ته ??ن ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پروجيڪٽ تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا ويا آهن، پاڪستان جنهن 2021ع ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزب??ني ڪئي خاص طور تي ??وسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،اهو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان پهرين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي ??شتمل آهي، پاڪستان جي حڪومت 2023ع تائين پنهنجي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري اهو 13.9 سيڪڙو ٿي ويا، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي ??ظام جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي پر اهو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي رهيو آهي.