نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏ??نهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي ج?? 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجه??د جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏ??نهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.