اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ ??يڪ??ورٽي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ ??يڪ??ورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرع?? شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل ??اءِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرع?? شعبي کي درپيش مسئلن جي حل ??اءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت ج?? شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ ??يڪ??ورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.