اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انسانيت هر ڏينهن مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃ??، پاڪستان آواز بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آهي پر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل انسانيت جي لاءِ هڪ آزمائشي امتحان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين ن??عي?? جو غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃ??.