اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي بحري معاملن واري وزارت تي ملڪي ماهيگيري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چي?? آهي ته گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطر?? درپيش آهن، پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اطهار هن هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي اونهين پاڻي ۾ ماهيگيري جي تجويز ڪيل پاليسي تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، بحري معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چي?? ته بحري معاملن واري وزار?? ملڪي ماهيگري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي. گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطر?? درپيش آهن، هن چي?? ته پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير قانوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ماهيگيري جي شعبي جي ترقي جو مقصد پرڏيهي ناڻو ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.