اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سياسي معاملن بابت خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ان ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ عامر ڊوگر وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب جي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي دورن جي دوران ترقياتي منصوبن خاص طو?? تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام تي عوامي پذيرائي کان آگاهه ڪيو.