ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي ??ان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي جي حوالي ??ان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن ??ان وچ ايشيائي ملڪن ??ان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا روشن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ ا??ان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز ??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر ??ان??نن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ا??ان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دست??اب وسيلن ج?? محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.