اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پا??ستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان ا??م آهي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چي?? ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن ??ي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پا??ستان ا??ٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان ا??ڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پا??ستاني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.