اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀاڻ جي ??راهمي يقيني بڻائي وڃي. زيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي ??اءِ فصل جي ??يداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي ??راهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي ??عيشت جي ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي ??اء?? موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي ??نظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان اٽڪل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ ??ي خاتمي جي ??دمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪ??ون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي ??گراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.