اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي هنگو مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخد??م شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حاجي خيال زمان انتهائي مخلص شخصيت جو مالڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويند??. ه?? مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.