اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن تي ??ور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري دنيا ماحولياتي ??بديلي جي خل??ف اسان جي جدوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ??هار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس کي انهن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي ??ان پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي ??بديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. هن نوجوانن تي ??ور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي اهميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، اهڙي طرح اسان اصل ۾ پنهنجي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 موسم ڏنا آهن، هتي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويج??ه ٿي سگهي ٿي. اسان کي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، اسان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ان لاءِ موسمياتي ??بديلي جي عذاب ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بهار جي موسم ۾ 54 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جهڙي طرح ان کان اڳ سمورا هدف حاصل ڪيا، هي به ڪنداسين. ه?? چيو ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي سان پاڪستان جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي ??ان گذريل سالن دوران انگريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته موسمياتي ??بديلي جي خل??ف اسان جي جدوجهد کي دنيا ساراهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي ??بديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته هيستائين اسان وڻڪاري جي حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري سان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح روزگار حاصل ٿيو آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان ماحوليات جي حوالي سان ايم او يوز تي ??حيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي وزيراعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. ه?? چيو ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ان جا تفصيل اسان پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو لڳائي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.