اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهتر??ن پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعت??اد بحال ٿيو، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ايم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ايم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ سندس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ س??نيٽرن شبلي فراز ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ملاقات ۾ س??ڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي دوري جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعت??اد معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، حڪومت بهتر??ن پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعت??اد بحال ٿيو، گوادر هڪ نئين معاشي مرڪز جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي، هن چيو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ س??ڙپڪاري جي موقعن مان ف??ئد?? کڻي سگهن ٿا، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان جي برطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.