اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وز??ر حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ الرحمان وز??راعظم کي ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وز??راعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت تي وز??راعظم شهباز شريف کي ??راج تحسي?? پيش ڪيو. وز??راعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح ??وا?? جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ ??وا??ي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.