اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي دو??تي جو هڪ نئون ت??ريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کانپوءِ پاڪستان جي دو??تن جي مح??ل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو ??هي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو ??هي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر ??هي ۽ مثالي دو??تي جو هڪ نئون ت??ريخي باب کوليندو. هن چيو ته چئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور کانپوءِ پاڪستان جي دو??تن جي مح??ل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعودي عرب پاڪستان دو??تي هميشه زنده باد.