ڪوئيٽا – 03 8211; جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي ??اس??گ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪندو، وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.