اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري ل??ءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حي??تي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شه??از شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حي??تي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شه??از شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوب?? ۾ ??سپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعب?? ۾ ??ڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حي??تي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.