اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ محمد يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃ??ڻپ تي حملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده بڻائي. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀا??ت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ چيو ته ڀارت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آهي، هو نه رڳو ڀارت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سل??متي جي لاءِ به سيڪيورٽي خطرو آهي. هن چيو ته ڀا??ت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سل??متي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن جو اح??رام نه ڪرڻ تي ڀا??ت جي مذمت ناڪافي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارتي حڪمرا??ن پاران کنيل قدمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڀا??ت جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. محمد يوسف نقاش چيو ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ قتلام ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏيل قومن جي ذريعي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.