اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏيندي چيو آ??ي ته اسان پنهنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سطح تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿي ??نهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.