پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فر??هم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پي??ڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر بجلي جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پي??ڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پي??ڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پي??ڪو عملدارن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته تر??اب، ا??زئ?? ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پي??ڪو عملدارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان بجلي جي رسد بند آهي. پي??ڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پي??ڪو عملدارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. وفاقي وزير پي??ڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ بجلي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.