اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فن?? فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. وزيراعظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ??ي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون تي ??راج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين اد??رن ??ي ڪردار کي ساراهيو. هتي ??ها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وزيراعظم سان ٽي??يفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.