اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خرلاچي افغانستان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??و. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جان نڇاور ڪن??ڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??و. هن نائيڪ مويز خان جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي نائيڪ محمد رحمان جي ڀاءُ سان پڻ ٽيليفون تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. ان موقعي تي شهيد محمد رحمان جي ڀاءُ چيو ته هو پاڻ به فوج ۾ آهي ۽ شهادت جي خواهش رکي ٿو. ٻئي صدر عارف علوي سپاهي عرفان جي ڀاءُ سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.