اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني ج?? بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا ??و م??اب??و ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي ح??ايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران پاڪستان جي ح??ايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ترڪيه جي بنيادي ايشو تي ان جي ح??ايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان و??يڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.