اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اس??امي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يق??ني بڻايو وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اس??امو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رابطا عالمي اس??امي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي رابطا عالمي اس??امي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي هلال پاڪستان عطا ڪيو. هلال پاڪستان ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم پاران يتيم ٻارن جي ڪفالت، صحت، سماجي شعبن ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو. بعد ۾ صدر سان هن ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هو. صدر چيو ته ”اسلامو فوبيا“ مسلمانن کي درپيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، اس??ام جي حوالي سان دنيا ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اس??ام د??يا جي ماڻهن جي وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مختلف قومن جي ماڻهن کي اس??ام جي حقيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دنيا ۾ اس??ام جي حقيقي تصور ۽ هم آهنگي جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اس??امي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يق??ني بڻايو وڃي، اس??امي معاشرن ۾ دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي رجحانن جي خلاف صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت ۾ اس??امو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اس??امو فوبيا جون پاڙون گهريون آهن ۽ ان جي رياستي سطح تي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اس??امو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. صدر رابطا عالمي اس??امي جي عالم اس??ام ۾ ڀلائي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان ۾ اس??امي عجائب گهر جي قيام تي عملدرآمد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ميوزيم جي مڪمل ٿيڻ سان ماڻهو حضور اڪرم ﷺ جي زندگي جي مختلف رخن بابت ڄاڻي سگهندا. صدر پاڪستان جي انتهائي اهم مالي ضرورتن ۽ ٻوڏ سٽيلن جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فراخدلي سان مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. رابطا اس??امي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي اس??امو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني اسڪالرز ۽ سول سوسائٽي کي اس??امو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي آهي. سيڪريٽري جنر?? ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي صدر جي خطاب کي پڻ ساراهيو.