استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن ??زي??ن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت واري ايراني ??زي?? محمد مهدي اسم??عي?? سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? پاڪستان ۾ تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري ??زي?? پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.