اسلام آباد– 30 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آ??ي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ ل??ئين صوبو آ??ي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آ??دو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ??ڻ دعا ڪئي.