اسلام آب??د – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آب??د جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪندي ان جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آب??د ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آب??د، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آب??د ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن خواجه آصف، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سولرائيزيشن منصوبي جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪندي اسلام آب??د جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي واضح هدايت ڪندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪ??ڻ جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل ??رداشت نه ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??اق?? ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.