اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوز حنيف صابر جي والده جي لاڏاڻ?? تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب حنيف صابر ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.