اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ار??يامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو ??ست?? آهي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع جي آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ ??ست?? مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ??ار??يامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو ??ست?? آهي.