اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ڪ?? جي رفتار تيز ڪرڻ ??ي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ ??ان بجلي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ گير سولرائيزيشن منصوبي تي ??ڳڀ??ائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪ??و. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ??يو وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي بجلي جي پيداوار سان ٻارڻ ??ي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمسي توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي ??ڳڀ??ائي کي وڌيڪ تيز ??يو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪ??و ويو آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪ??ا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ڪوٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪ??و ويو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪ??پنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي منصوبن جي حوالي سان ??ڳڀ??ائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي منظوري کانپوءِ ئي ان تي ??ڳڀ??ائي ممڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.