انقره -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان البيراڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي چيئرمين ا??مد البيراڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم البيراڪ گروپ جي پاڪستان ۾ منصوبن جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق البيراڪ گروپ پاڪستان ۾ گهٽ لاڳت ??ي رهائشي منصوبن، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ، گند ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۽ ٽريڪٽرن جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ خاص مددگار طارق فاطمي، ترڪيھ ۾ پا??سا?? جو سفير ڊاڪٽر يوسف به شريڪ هئا.