اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻ?? پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نال?? پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سا?? ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪري ناظر??ن کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنهنجي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سا?? منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳيل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀات??ن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.