اسلام آ??اد – 04 آگسٽ(اي ??ي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ??رڏيهي وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ سادگي واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سينيٽ ??جلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر ايوان کي ٻڌايو ته ??زارت جي ڪيمپ آفيسن ۽ صوبن ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسن ۾ 40 گاڏيون وڌيڪ ناهن ۽ انهن تي خرچن ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ته جيئن سادگي واري پاليسي تحت بچت کي يقيني بڻائي سگهجي.