اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وز??را??ظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وز??را??ظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي حڪ??ت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪ??ت عملي تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وز??را??ظم چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ??ال??ي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي توانائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي ??ال??ي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگران حڪومت پنهنجي مختصر حڪومت جي دور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي تي لڳائيندي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ج?? لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.